مخدوم محمد عارف سيوستاني

مخدوم محمد عارف سيوستاني : هيءُ بزرگ ابن ڏاڏن کان حنفي مذهب جي عالم خاندان جو فرد هو، هي پاڻ به عالم، فاضل، عارف، علم فقه ۽ تفسير جو وڏو ماهر ۽ بهترين خطاط هو. هن بزرگ ظاهري علم پنهنجي چاچي مخدوم عبدالواحد صغير نعمان ثاني (محمد احسان) بياض وٽ حاصل ڪيا ۽ نقشبندي مجددي طريقي ۾ به ساڻس بيعت ڪيائين. ڪجھه تعليم پنهنجي والد وٽان پڻ ورتائين. مخدوم عبدالواحد صغيرسيوستاني پنهنجي حياتيءَ ۾ هن کي سند ڏئي پنهنجو جان نشين مقرر ڪيو. مخدوم نعمان ثانيءَ 1124هه ۾ وفات ڪئي ته هن بزرگ فتوى ۽ قضا جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ مدرسي جو انتظام احسن طريقي سان هلندو رهيو. هن ڪيترائي ناميارا شاگرد ۽ عالم پيدا ڪيا، جن مان حاجي فضل الله پاٽائي، خليفو حڪيم غلام محي الدين عباسي سيوستاني ۽ سندس فرزند ڪامل امجد سيوستاني مشهور ٿي گذريا آهن. سندس حياتيءَ ۾ هن بزرگ جا شاگرد هن جي فتوائن کي جمع ڪندا هئا، جو بياض مخدوم محمد عارف نالي سان هڪ جامع ڪتاب تيار ٿي ويو. اڄ به سنڌ جا عالم اهو بياض سند طور ڪتب آڻيندا رهن ٿا. علامه غلام مصطفى قاسمي، رسالي ’الرحيم‘ جي سال 1988ع جي جنوري، فبروريءَ واري شماري جي صفحي 48-47 تي لکي ٿو ته، اسان کي مخدوم محمد مراد صديقيءَ جي ڪتب خاني (مفيد عام لائبرري) ۾ ڪي قلمي ڪتاب نظر چڙهيا، انهن تي مخدوم محمد عارف جون مختلف تحريرون ۽ خود نوشت نوٽ نظر آيا، جن مان سندس علمي ذوق جو پتو پوي ٿو. مخدوم محمد عارف سيوستانيءَ 1258هه/ 1842ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي، سندس تربت خانداني قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو